لنڊن – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چ??و آهي ته قومي ادارن ۾ ڪنهن قسم جو ڪو ٽڪراءُ نه آهي، سازشي نظرين تي يقين نه ٿو رکان ۽ نه ئي ملڪ ۾ اهڙي قسم جي ڪا گنجائش آهي. هيٿرو ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چ??و ته ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جو تاثر رڳو اخبارن ۽ ٽي وي چ??نلز تي ئي نظر اچي ٿو. هن چ??و ته سياسي ۽ فوجي قيادت آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري ريڪس ٽلرسن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تازي ملاقات ۾ گڏ ويٺل هئي ۽ ملڪ جا سمورا ادارا قومي ترقي ۾ مجموعي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هي سندس نجي دورو آهي ۽ ان تي قومي ناڻي جو ڪو به پئسو خرچ نه ٿيندو. هن چ??و ته هو سومر جي رات پاڪستان واپس پهچي ويندو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز