نارووال – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان تيزي ??ان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، هر اونڌاهي کي روشني ??ان شڪست ڏينداسين، ڪجهه سياستدان هروڀرو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، انهن جو ڪوڙ ٻڌي ٻڌي عو??م به تنگ اچي چڪو آهي، ڪوڙ جي سياست پاڪستان لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، جيڪڏهن ترقي ۾ هٿ نٿو ونڊايو وڃي ته ا??ان جو هٿ نه روڪيو ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي هلڻ ڏيو، غريبن کي صحت جي مفت سهولتن لاءِ قومي صحت پروگرام هڪ عظيم مقصد تحت شروع ڪيو ويو آهي، خدمت خلق ??ان جيتري خوشي ملي ٿي ڪنهن ٻي ڪم ۾ نٿي ملي، ان پروگرا?? جو دائرو پوري ملڪ تائين وڌايو ويندو، وزيراعظم ڪالاشاه ڪاڪو کان بدوملهي کي موٽر وي ??ان ڳنڍڻ ۽ بدو ملهي کان نارووال تائين جي علائقي کي به موٽر وي ??ان ملائڻ جو اعلان ڪيو. ڪالهه خميس ڏينهن هتي قومي صحت پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو هڪ نيڪ مقصد لاءِ نارووال اچڻ تي گهڻو خوش آهي، موذي مرضن ۾ مبتلا مريضن کي مفت سهولتن جي فراهمي لاءِ قومي صحت پروگرام جاري ڪرڻ هڪ وڏي مقصد تحت شروع ڪيو ويو ۽ نارووال ۾ هڪ لک 60 هزار خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ ڏنا پيا وڃن، هن چيو ته معاشي ناهموارين کي روڪڻ ا??ان جو مقصد آهي، وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ مون جهڙي ماڻهو کان مخلوق جي خدمت جو ڪم وٺي رهيو آهي جنهن تي وڏي خوشي آهي.
پاڪستان تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ