امرتسر – 04 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن ب??بت وزيراعظم جي ص??اح??ار سرتاج عزيز چيو آهي ته لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائوندري تي ڀارتي اڳرائي باوجود هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ جٽادار امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي، افغانستان جي مسئلي جو فوجي ناهي، اهو مسئلو افغان عوام جي خواهشن مطابق ڳالهين سان نبيريو وڃ??، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغان عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهي، سارڪ سربراهه ڪانفرنس جو ملتوي ٿيڻ علائقائي سهڪار جي ڪوششن لاءِ ڌچڪو آهي. افغانستان ۾ امن ۽ ترقي جي حوالي سان ڇهين هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پ??ڏيهي ص??اح??ار سرتاج عزيز چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت اعزاز جي ڳالهه آهي، ڇڪتاڻ باوجود شرڪت خطي ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي. افغانستان کي پ??ڪستان رستي واپاري سهولتون ڏيڻ لاءِ اسن پر عزم آهيون، پاڪستان گذريل 30 سالن کان لکين پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪئي آهي، گڏيل قومن جي اداري سان گڏجي افغان پناهگيرن جي با عزت پنهجي ملڪ واپسي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.
ڪانفرنس ۾ شرڪت افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی