اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 31 آڪٽوبر تي زخمي ٿيڻ کانپوءِ عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ پا??ان خيرسگالي جي پيغام تي دل سان ٿورا ادا ڪيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب 3 نومبر تي هڪ خط ۾ چين جي صدر شي جن پنگ صدر آصف علي زرداري کي ڌڪ لڳڻ تي ڳڻتي ۽ صدر جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو هو. هن خط ۾ پا?? چين دوستي جي گهرائي جو ورجاءُ ڪندي صدر کي گڏيل طور تي مناسب وقت تي چين جو دورو ڪرڻ جي گرمجوشي سان دعوت پڻ ڏني هئي. صدر آصف علي زرداري چيني صدر پا??ان خيرسگالي جي پيغام تي ٿورا مڃيندي چيو ته چين جي قيادت ۽ عوام پا??ان صحتيابي جي پيغامن کان متاثر ٿيو آهيان. صدر چيو ته تمام جلد مناسب تاريخ تي چين جو دورو ڪندس، دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ مضبوط ٻنڌڻن کي وڌيڪ سگهه ملندي. ٻنهي اڳواڻن پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر شي جن پنگ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل سان چين پا??ستان ڪميونٽي جي تعمير جي عزم تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري صدر شي جن پنگ جي ڏاهپ، قيادت ۽ پا?? چين لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس تعاون تي ٿورا مڃيا.
صدر آصف علي زرداري سندس صحتيابي لاءِ چين جي صدر جا خيرسگالي جي پيغام تي ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد