اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊا?? چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت بحالي جي طرف گامزن آهي، حڪومت عوام جي معاشي حالت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن تي ڌيان ڏنو آهي، ملڪ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار مالياتي موبائيل ايپلي ڪيشن ”لائيو بوگو“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ مارڪيٽ رهي آهي جڏهن ته م??تب?? عالمي ادارن جو چ??ڻ آهي ته پاڪستان جي معيشت بحالي جي طرف گامزن آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي پنهنجي ماضي جو پاڻ جائزو وٺڻ ۽ ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ڪهڙي طرح صحيح رستي تي هلي سگهجي ٿو. هن چيو ته حڪومت جي حڪمت عملي نجي شعبي جي ذريعي پيداري صلاحيت جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي ۽ حڪومت ان مقصد جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ سهولت جو ڪم ڪيو آهي. محمد اسحاق ڊا?? چيو ته ملڪ ۾ هوائي اڏن کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي، جڏهن برطانيا اهو ڪري سگهي ٿو ته بهتر خدمتن جي فراهمي جي مقصد سان هتي ڇو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي خرچن کي گهٽ ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي. محمد اسحاق ڊا?? چيو ته ملڪ جي آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن جي 67 سيڪڙو تي ٻڌل آهي، فني شعبن ۾ اختراعي نظريا ڪميونٽيز جي زندگين کي سگهه ۽ ترقي ڏيندا.
پاڪستان جي معيشت بحالي جي طرف گامزن آهي، حڪومت عوام جي معاشي حالت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن تي ڌيان ڏنو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ