اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آص?? علي زرداري چيو آهي ته پاڪست??ن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ دوست ملڪن سان واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايو??ن صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ويتنام، مالديپ ۽ آئرلينڊ جي سف??رن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايو??ن صدر ۾ کيس سفارتي سندون پيش ڪيون. سف??رن صدر س??ن جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. صدر سف??رن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان ٻطرفو واپاري ماپو وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. آص?? علي زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان س??ن گڏيل فائديمند تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، سيڙپڪارن کي زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، مينوفيڪچرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سف??رن کي ايو??ن صدر پهچڻ تي پاڪست??ن جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ دوست ملڪن سان واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔