اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عبدالستار ايڌي جي ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته عبدالستار ايڌي سمو??ن فرقن کان مٿانهون ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته عبدالستار ايڌي جي پاڪستان ۽ انسانيت جي لاءِ بي مثال خدمتن ??ي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عبدالستار ايڌي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي انسان د??ست شخصيت هئي، هن سماجي خدمتن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ نسل، مذهب، سماجي حيثيت سميت سمو??ن فرقن کان مٿانهون ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. صدر چيو ته عبدالستار ايڌي بي لوث جذبي سان سڄي ملڪ ۾ اسپتالن، يتيم خانن، پناهگاهن ۽ بحالي جي مرڪزن جو بنياد رکيو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ عبدالستار ايڌي جي مغفرت ۽ ان جا درجا بلند فرمائي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج