آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سمٽ ۾ فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان واضح موقف اختيار ڪيو آهي ۽ عالمي بر??دري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ب??ها??ڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ۾ غزه جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهيو ۽ هن عالمي بر??دري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ب??ها??ڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته اسرائيل فلسطينين جي ??سل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي، انصاف جي عالمي عدالت پڻ اسرائيل جي بي رحماڻي ڪاررواين کي فلسطينين جي ??سل ڪشيءَ قرار ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته اسرائيل غزه ۾ ظلم ڪر?? رهيو آهي ۽ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪر?? رهيو آهي، عالمي بر??دري غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي پهچ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪر??. هن چيو ته پاڪستان ج?? موقف آهي ته سمورن پراڻي تڪرارن جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ 37 هزار جي لڳ ڀڳ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي، اسرائيل پاران 20 لک فلسطينين کي بي گهر ڪيو ويو، پاڪستان فلسطين جي مسئلي جو 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي طرز تي ٻه رياستي حل جو حامي آهي جنهن تحت فلسطيني رياست جو قيام ٿئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هجي.
وزيراعظم پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سمٽ ۾ فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان واضح موقف اختيار
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ