تهران – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي دوري ??وران مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي تقريب ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي و??ير سميت هيليڪاپٽر حادثي جي شهيدن جي تعزيت لاءِ ايران جي هڪ ڏينهن جي دوري ??ي ويو. ان موقعي تي و??يراعظم جي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم سان آذربائيجان جي و??يراعظم علي اسدوو پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي. وزيراعظم باڪو ۾ ٿيندڙ 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي ام??ر شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي. ملاقات ۾ پاڪ قطر ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز ۽ ترڪيه جي پرڏيهي و??ير هاڪان فيدان سان جدا جدا ملاقاتون پ?? ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي ۽ وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جي دوري ??ي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر جي مقرر ڪيل انتظامي اسيمبلي ”مجمع تشخيص مصلحت نظام“ جي ميمبر احمدي نزاد سان پڻ ملاقات ڪئي.
وزيراعظم پاران ايران جي دوري دوران تاجڪستان جي صدر سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ