ڪراچي-05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلا??ل ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي روڪڻ لاءِ 8 فيبروريءَ تي پ پ جي ڪاميابي تمام ضروري آهي. هن ??ومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌ??ئڻ لاءِ 8 فيبروريءَ جي چونڊن ۾ پ پ جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ضروري آهي. بلا??ل ڀٽو زرداري چيو ته قائدِ عوام شهيد ڀٽو قائداعظم جي مؤقف کي اڳتي وڌايو. شهيد ڀٽو چيو هو ته جيڪڏهن اسان ڪشمير خاطر هڪ هزار سال تائين جنگ وڙهنداسين ته به وڙهندا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو هر سال 5 فيبروريءَ ??ي يوم يڪجهتي ڪشمير مله??ئڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هن ??يصلي ڪشمير ڪاز کي اڻ مٽ بڻائي ڇڏيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هن ??دم جي گونج دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻُڌي وڃي ٿي.
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena