اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت ۾ چينج مئنيجمينٽ قدم تحت ڊيجيٽلائيزڊ سسٽم جي شروعات ڪري ڇڏي. پرڏيهي وزير ڊيجيٽلائيزڊ سسٽم جي شروعات ۽ سولرائيزيشن پروگرام جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته بطور پرڏيهي وزير اهو منهنجو من??ور هو ته پرڏيهي وزارت کي بهترين بڻايو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۽ پرڏيهي آفيس جي وچ ۾ بهترين رابطو قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته پرڏيهي وزارت ۾ مجموعي طور تي 51 من??وبن تي ڪم ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت ۾ 19 من??وبا مڪمل ٿيا آهن جڏهن ته 25 تي ڪم جاري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فارن سروس اڪيڊمي، اي ميلنگ، پبلڪ ڊپلوميسي ۽ ڪونسلر سروسز سميت ڪيترن ئي من??وبن ۾ بهتري آندي وئي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن جي من??وبي تحت اسان مختلف انتظامي شعبن ۾ بهتري آندي آهي جڏهن ته ايڇ آر، فنانس سميت اي ميل سسٽم کي ڊ??جيٽلائيز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڏس ۾ پرڏيهي وزارت ۾ شمسي توانائي مان فائدو حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، شمسي توانائي ج?? من??وبي تي چين جا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پرڏيهي وزارت جي نئين ويب سائيٽ پڻ ڊيولپ ڪئي آهي، چاهيندا هئاسين ته هڪ اهڙو پليٽ فارم هجي ج??ڪو عام ماڻهن جي لاءِ آسان سان پهچ جوڳو هجي. هن چيو ته پاڪستان دنيا سان لاڳاپن جي بهتري لاءِ قدم کنيا، ايف اي ٽي اي ج?? گري لسٽ مان وقت کان اڳ نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان کي چيو آهي ته دهشتگردن کي پنهنجي س??زمين استعمال نه ڪرڻ ڏين، افغانستان جي مسئلن کي اسان بهتر طريقي س??ن سمجهي سگهون ٿا، مسئلن جي حل لاءِ افغانستان جي هر طرح کان مدد لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته روس – يوڪرين جنگ جي ڪري دنيا کي غيرمعمولي حالتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت ۾ ڊيجيٽلائيزڊ سسٽم جي شروعات ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria