اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀ???? زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت جي آخري 15 مهينن دوران دنيا سان پاڪستان جي رابطن ۾ بهتري آئي آهي، عالمي برادري کي موسمياتي تبديل جي بحران، سخت معاشي حالتن ۽ وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت اهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پر??يهي وزارت ۾ سفارتي ڪور جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. آجياڻي ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزيرن، اسلام آباد ۾ مقرر پر??يهي سفيرن، هاءِ ڪمشنرز ۽ مختلف ملڪن جي مشنز جي سربراهن سميت گڏيل قومن جي ذيلي تنظيمن جي نمائندن ۽ پر??يهي وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پر??يهي وزير چيو ته هن پنهنجي دور ۾ مختلف ملڪن سان رابطا بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان کي گذريل سال موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻو پيو، جديد دنيا جي چئلينجز کي سرحدن سان روڪ?? نه ٿو سگهجي، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري گذريل سال ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو مثال آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي اڪيلي حل نه ٿو ڪري سگهجي پر ان جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. هن ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته ان کي ٻين شريڪ ملڪن جي حمايت کانسواءِ نتيجاخيز بڻائڻ ممڪن نه هو. پر??يهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان چونڊن کانپوءِ سياسي استحڪام طرف گامزن ٿيندو. بلاول ڀ???? زرداري پاڪستان جي پر??يهي وزير طور خدمتون سرانجام ڏيڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز قرار ڏنو. هن پر??يهي وزارت جي ڪم ۾ ڀرپور دلچسپي ۽ ڪردار تي پاڪستان جي سفارتڪارن ۽ آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جا سفارتڪار پر??يهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. بلاول ڀ???? زرداري پر??يهي سفارتڪارن کي ٻڌايو ته هن پر??يهي وزارت کي ملڪي سياست کان جدا ڪندي نج پيشيواراڻي انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر??يهي وزير عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدي تائين پهچڻ ۾ مدد ڏيڻ تي دوست ملڪن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي ۽ ڪنهن به حڪومت جي لاءِ ڊيليور ڪرڻ جو واحد رستو وفاقي ۽ صوبائي پارليامينٽن سميت ادارن کي مضبوط ڪري هدفن ۽ مقصدن تي ڌيان ڏيڻ آهي. ان کان اڳ پر??يهي وزير بلاول ڀ???? زرداري مهمانن جي آجياڻي ۾ شرڪت تي انهن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين عطا جان مولاموف پڻ خطاب ڪيو. سفارتي ڪور جي ميمبرن پر??يهي وزير پاران حڪومت جو مدو مڪمل ٿيڻ کان الوداعي تقريب منعقد ڪرڻ تي پر??يهي وزارت جي قدم کي ساراهيو.
موجوده حڪومت جي آخري 15 مهينن دوران دنيا سان پاڪستان جي رابطن ۾ بهتري آئي آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی