اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ ڪمزور ٿي ڪيٽيگري ٿري ۾ تبديل ??يڻ بعد انتهائي شديد سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اهو طوفان ڪراچي کان اٽڪل 470 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 460 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ اورماڙه کان 570 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي طرفان صبح جو ??اري ڪيل تفصيلن مطابق سامونڊي طوفان جي سطح تي هوا هلڻ جي رفتار اٽڪل 140 کان 150 ملوميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي حصي جي رفتار 170 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آهي. تازي اڳڪٿي مطابق طوفان جي برقرار رهڻ جو ??مڪان آهي. (اڄ) 14 جون 2023ع جي صبح تائين ان جو ??خ اتر طرف ۽ پوءِ اوڀر طرف مڙڻ جو ??مڪان آهي. ان کان علاوه سڀاڻي 15 جون 2023ع ج?? منجهند تائين هڪ انتهائي شديد طوفان طور ڪيٽي بندر (ڏکڻ اوڀر سنڌ ڪوسٽل لائين) ۽ ڀارتي گجرات جي سامونڊي پٽي وچ ۾ ٽڪرائجڻ جو ??مڪان آهي. طوفان سبب امڪاني طور تي ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ڪراچي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان علائقا متاثر ??يڻ جو ??مڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ ڪمزور ٿي ڪيٽيگري ٿري ۾ تبديل ٿي انتهائي شديد سامونڊي طوفان جي صورت اختيار ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر