اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري آمريڪا پاران جنيوا ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ اضافي 100 ملين ڊالر جي ام??اد جي اعلان کي ساراهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ا??ڙن خيالن جو اظهار آمريڪي سفير ڊونلڊ ??لوم سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستانين جي لاءِ ويزا انٽرويو بابت سهولتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ??ٽو زرداري چيو ته ويزا سهولتن بابت آمريڪي پرڏيهي وزير سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، انهن قدمن سان نه رڳو وي??ا وٺڻ جو عمل تيز ٿيندو پر عوامي رابطا وڌندا. پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري سان ملاقات ۾ آمريڪي سفير ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ پاڪستاني عوام جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن