اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي قومي ترجيح آهي، سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي، ايم ايل ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه ۽ ٻين چي??ي منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن خاص طور تي مين لائين ون (ايم ايل ون)، ڪراچي سرڪلر ريلوي، قراقرم هاءِ وي ۽ ٻين منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني و??ي. ان کانسواءِ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي ۽ پن بجلي جي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس کي سي پيڪ منصوبن جي موجوده صورتحال، جاري ڪم ۽ مستقبل ۾ انهن منصوبن جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي و??ي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي و??ير، وزيراعظم جو ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم سي پيڪ منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي کي قومي ترجيح قرار ڏيندي ان تي ڪم ڪرڻ جون هداي??ون ڪيون. ان موقعي ??ي اجلاس کي خطاب ڪندي و??يراعظم چي?? ته مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪستان جي لاءِ گيم چي??جر جي حيثيت رکي ٿو. مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه جو فليگ شپ منصوبو آهي، مين لائين ون منصوبو پاڪستان جي بندرگاهن کي چي?? ۽ وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍي ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چي?? ته وچ ايشيائي رياستن سان ريل جي ذريعي ??ابطا پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندا. اهو منصوبو پاڪستان ريل جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ وفاق جي علامت آهي. مين لائين ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ترقي جو سبب بڻجندو. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان جي شمسي توانائي جي منصوبن ۾ چي??ي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪريون ٿا. حڪومت گذريل چئن سالن جي ڪاري دور ۾ سي پيڪ جي تعطل جو شڪار منصوبن ۾ نئون روح وجهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي تيز رفتاري سان مڪمل ڪري رهي آهي. هن چي?? ته سي پيڪ هاڻي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ مرحلي مان نڪري بزنس ٽو بزنس واري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيون آهن. سي پيڪ تحت هاڻي پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي. شهباز شريف چي?? ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪراچي جي رهواسين کي محفوظ سفري سهول??ون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي و??يراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي و??ير احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، سالڪ حسين، سيد نويد قمر، مريم اورنگزيب، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چي??ا، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چي??ا، پيٽرولم واري مملڪتي و??ير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي، ظفرالدين محمود جهانزيب خان، سيد فهد حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسن افضل، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي و??ير سيد مراد علي شاهه به وڊيو لنڪ ذريعي ??جلاس ۾ شرڪت ڪئي.
سي پيڪ منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي قومي ترجيح آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون