اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي جي ٽئين آڊيو ليڪ سندس منهن تي هڪ زوردار ٿڦڙ آهي، عمران نيازي قومي مفاد ۽ ملڪي سلامتي سان ??نگين راند کيڏي ۽ شيطاني چالون هليون، ضمير خريد ڪرڻ شرڪ هو ته آڊيو ليڪ کانپوءِ ڇا ثواب ٿي ويو؟ عمران ??ان ”جيل ڀريو تحريڪ“ جي نه ”کيسو ڀريو“ تحريڪ جو ليڊر آهي، گهڙين، مُنڊين، ڪجهه ٽڪري زمين، هيرن ۽ اقتدار جي هوس جي غلام وزيراعظم جي آئيني عهدي کي ٽوڙيو، هو ماڻهن کان ??قيقي آزادي جو حلف ڪهڙي منهن سان وٺي رهيو آهي، اقتدار ۾ اچي ملڪ کي معاشي غلام بڻائڻ ۽ معيشت تباهه ڪرڻ وارو اقتدار وڃڻ کانپوءِ هاڻي ائٽمي طاقت پاڪستان کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران نيازي روزانو ڪوڙ ڳالهائي ٿو، سندس شيوو آهي ته ايترو ڪوڙ ڳالهايو جو سچ لڳڻ لڳي، هن شخص ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي اسان کي ٿڪائي ڇڏيو پر پاڻ نه ٿڪيو. هن چيو ته عمران ??ان ??ي هڪ نئين آڊيو ليڪ ٿي آهي جنهن ۾ هن چيو ته سائفر تي کيڏڻو آهي ۽ آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو، اها آڊيو ليڪ عمران ??ان ??ي حقيقي آزادي جي بيانيي تي هڪ ٻي زوردار ٿڦڙ آهي جنهن جي گونج روزانو اچي ٿي پر عمران ??ان ??ي ڪنن تائين نه ٿي وڃي. هن چيو ته عمران ??ان ??مجهي ٿو ته جيڪي ماڻهو ان ??ون ڳالهيون ٻڌن ٿا اهي سڀ بيوقوف آهن، هي ماڻهن کي پنهنجي ڪوڙ ۽ چالن سان ??يوقوف بڻائي ٿو. هن چيو ته عمران نيازي ڪوڙو، منافق، فارن ايجنٽ آهي جنهن پوري ملڪ جي معيشت سان کيڏيو، چئن سالن ۾ ماڻهن کان ??وزگار کسيو، ڪشمير جو سودو ڪيو ۽ فارن پاليسي سان کيڏيو. هن چيو ته هن شخص 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ هارس ٽريڊنگ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران ??ان ملڪ جي ترقي سان کيڏيو، ملڪ ۾ مهانگائي، افراتفري، عدم برداشت پيدا ڪيو ۽ معاشري کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن پوري ملڪ کي دنيا ۾ رسوا ڪيو، جڏهن سندس اقتدار جي ڪرسيءَ لُڏي ته هن پوري دنيا ۾ پيغام ڏيڻ شروع ڪيو ته 22 ڪروڙ عوام جو ملڪ ائٽمي طاقت غلام آهي، هن شخص ??ي اندر ڪو شرم نه آهي، ان کي احساس نه آهي ته سندس منهن مان نڪتل لفظ ملڪي مفاد، قومي سلامتي ۽ دنيا ۾ ملڪ جي عزت کي مجروح ڪن ٿا. اطلاعات وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي کي ڪنهن سان ڪو سروڪار نه آهي، هن شخص کي رڳو پنهن??ي اناءَ عزيز ۽ پنهن??ي اقتدار جي هوس آهي. عمران ??ان ملڪي معيشت تباهه ڪئي، ماڻهن کان ??وزگار کسيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، معاشري ??ي اخلاقيات جو قتل ڪيو، پنهنجا کيسا ڀريا، ڌاڙا هنيا، مال غنيمت ڦريو، فارن ايجنٽ جا مقصد ڪجهه ٻيا هئا، ان ??ي ايجنڊا اڻ مڪل آهي، ان ??و مقصد ملڪ کي چار حصن ۾ ورڇ ڪرڻ ۽ مل کي ڏيوالپڻو ڪرڻ هو، هي ملڪ کي سريلنڪا بڻائڻ چاهيندو هو، هي پنهنجي هدف جي ويجهو پهچي چڪو هو پر سندس ايجنڊا اڻ مڪمل ر??ي، اڃا هن کي وڌيڪ توشه خانه جا تحفا ۽ هيرن جون مُنڊيون وٺڻيون هيون، ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ تباهه ڪرڻو هو. هن چيو ته عمران نيازي کان ??قتدار ويو ته هن جي ملڪ سان ??شمني شروع ٿي وئي، عمران ??ان 2018ع ??ي اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ڪئي، سينيٽ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ پنهنجي پارٽي ??ي اليڪشنن ۾ به خريد ۽ وڪرو ڪيو، عمران ??ان ??ڊيو ليڪ ۾ چيو ته مون 5 ايم اين ايز خريد ڪري ورتا آهن، عمران ??ان چيو هو ته جيڪو هارس ٽريڊنگ ڪري ٿو شرڪ ڪري ٿو، اڄ جي آڊيو ليڪ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته بقول عمران ??ان ??احب جي شرڪ ٿيو آهي ۽ اهو شرڪ عمران ??ان پاڻ ڪيو آهي. هن چيو ته اسان ??ڳ ۾ به چيو هو ته انهن سمورين شين جو ماسٽر مائنڊ عمران ??ان پاڻ آهي، عمران ??ان ??ند ڪمري ۾ چيو ته سائفر سان کيڏڻو آهي، ڪمري کان ٻاهر چيو ته ٻاهرئين سازش ٿي وئي آهي، بند ڪمري ۾ چيو ته 5 ايم اين ايز خريد ڪري ورتا آهن ۽ ٻاهر چوي ٿو ته هارس ٽريڊنگ شرڪ آهي، هي انهن ماڻهن جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي جيڪي عمران ??ان ??ي ڳالهه ٻڌن ٿا، عمران ??ان پنهنجو پاڻ کان ??هي سوال ضرور پڇي ته آڊيو ليڪس ۾ جيڪي حقيقتون سامهون آيون آهن اهي ڇا ٿيون چون؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هيستائين جيتريون به آڊيو ليڪس آيون آهن عمران ??ان ??نهن جي ترديد ناهي ڪئي. هن چيو ته جيڪو شخص پاڻ پنهنجي حلف جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي اهو ٻين کان ڪهڙي منهن سان ??لف وٺي رهيو آهي؟ هن چيو ته عمران ??ان پاڻ آڊيو ليڪ ۾ چيو ته 5 ايم اين ايز خريد ڪري ورتا آهن جيڪو ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته هن هارس ٽريڊنگ ڪئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران ??ان ??ليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي به اڄ تائين ڪٿي چئلينج ناهي ڪيو، عمران ??ان ??يرات جا پئسا پنهنجي منفي سياست 7 رياست سان کيڏڻ ۾ لڳايا، جيڪو شخص پنهنجي خواهش، پنهن??ي اناءَ، ڪجهه هيرون، زمين جي ڪجهه ٽڪرن، خيرات جي پئسن ۽ ڪرسيءَ جو غلام ه??ي اهو 22 ڪروڙ عوام کي چئي رهيو آهي ته هي سڀ غلام آهن. هن چيو ته عمران ??ان ڪهڙي حقيقي آزادي جي ڳالهه ڪري ٿو، ڇا حقيقي آزادي ملڪ کي ڏيوالپڻو بڻائڻ، ملڪ جي مفاد کي داءُ تي لڳائڻ ۽ ملڪ جي خلاف چالون هلڻ آهي؟ ڇا عمران ??ان 5 ايم اين ايز جي خريد ۽ وڪري سان ??قيقي آزادي وٺڻ چاهي ٿو؟ هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن سياست ۾ منڊي لڳائي آهي ته ان ??و نالو عمران ??ان ??هي، عمران نيازي خيرات جي پئسي کي سياست جي لاءِ استعمال ڪيو، ملڪ ??ي اندر پنهن??ي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري پنهنجي سياسي مخالفن کان ??نتقام ورتو، انصاف ضرور ٿيندو، طاقتور قانون جي هيٺ ضرور ايندو. هن چيو ته هي شخص اڳ ۾ پنهنجو پاڻ کي چوري، ڌاڙي، ڪوڙ ۽ اقتدار جي هوس کان ??زاد ڏياري، پهرين پاڻ حلف کڻي ته مون پنهنجي ملڪ سان ??ازشون ڪيون ۽ راند کيڏي، چالون هليون، پنهن??ي اقتدار ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، ان ??ي معافي گهران ٿو، پهرين اهو حلف وٺي. هن چيو ته هي شخص چوي ٿو ته منهنجي دور ۾ ترقي ۽ خوشحالي هئي، 2018ع ۾ ان ??ي پنهن??ي اقتصادي سروي جاري ٿي جنهن موجب ان ??ي دور ۾ مهانگائي 2 سيڪڙو مان 20 سيڪڙو تائين پهتي، ترقي جي شرح 6.3 سيڪڙو کان گهٽ ٿي منفي هڪ سيڪڙو تي اچي وئي، 35 رپيا في ڪلو اٽي جي قيمت 100 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي، کنڊ جي قيمت 52 رپين مان وڌي 120 رپيا في ڪلو تائين وئي، گيهه جي قيمت 140 رپيا في ڪلو مان وڌي 540 رپيا في ڪلو تائين وئي. ان ??ي دور ۾ بجلي جي قيمت 9 رپيا يونٽ مان وڌي 24 رپيا في يونٽ تائين وئي، گئس جي قيمت به وڌي. هن چيو ته عمران ??ان چوي ٿو ته مون سڀ کان وڌيڪ پئسو آبادگارن کي ڏنو جڏهن ته حقيقت ۾ ان ??ي دور ۾ آبادگار مشڪل صورتحال ۾ هئا، ڊي اي پي ڀاڻ جي قيمت 2400 رپين مان وڌي 10 هزار رپين تائين پهچي وئي هئي، اهي سموريون شيون عوام وساريون ناهن، عمران ??ان ??قريرن ذريعي عوام کي بيوقوف بڻائي ٿو. هن چيو ته عمران ??ان 50 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، هن هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو جنهن ۾ هو ناڪام ٿيو، ماڻهن کي 50 لک گهر به نه مليا. هن چيو ته عمران ??ان 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جو چيو ۽ پاڪستان ??ي بنيادن ۾ ڪرپشن جو ٻج پوکيو، عالمي حصيدار ان ??ي دور جي ڪرپشن جي ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ٿا ڪرڻ چاهين. هن چيو ته عمران ??ان پنهنجي خلاف سامهون ايندڙ ڪنهن به شيءَ جي ترديد ناهي ڪئي. هن چيو ته هي اهو شخص آهي جيڪو شيطاني چالون هلي ملڪ جي خلاف کيڏندو رهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مريم نواز جو فيصلو ميرٽ تي آيو آهي، ان ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت ڪيترائي ڀيرا نيب کي چيو ته اها نواز شريف جو ڪو تعلق انهن فليٽس سان ڏيکاري، نيب چيو ته اسان وٽ ڪي به دستاويز ۽ ثبوت موجود نه آهن. هن چيو ته پاناما ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو نه هو، جيڪڏهن پاناما ۾ نالو هجي ها ته پوءِ اقاما جو ڪيس نه ٿو بڻجي. هن چيو ته پاڪستان ??ي 75 سالا تاريخ ۾ ڪنهن سياسي ليڊر پنهنجي خلاف سياسي انتقام تي 40 سالن جو حساب ڏنو هجي ته ان ??و نالو نواز شريف آهي. هن چيو ته عمران نيازي تي الزام لڳا ته هو ڀڄي ويو، هي عدالتن ۽ قانون کان ڀڄي ٿو. عمران نيازي وٽ چار سالن تائين وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ هئي، اختيار به هئا، نيب ۽ ايف آءِ اي جو چيئرمين به ان وٽ هئا پر ان ??ي باوجود هو شريف فيملي جي خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته عمران ??ان مريم نواز کي موت جي سزا جي چڪيءَ ۾ رکيو پر هوءَ ان ??ي هڪ هڪ الزام جي آڏو ڄمي بيٺل ر??ي ۽ اڄ سرخرو ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو اڄ ڪرائي جي هڪ ترجمان ??ي ڳالهه ٻڌي رهي هئي ته اهي آڊيو ليڪس ڪٿي ٺهي رهيون آهن، جيڪڏهن انهن کي خبر آهي ته ٻڌائي ڇڏين ته اهي آڊيو ليڪس ڪٿي ٺهي رهيون آهن، هي ڪڏهن ايس وائي زيڊ چون ٿا ۽ ڪڏهن ادارن تي حملا ڪن ٿا، انهن ماڻهن بند ڪمرن ۾ ملڪ جي تقدير سان کيڏيو ۽ چالون هليون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي سياسي انتقام وٺڻو هجي ها ته ڪڏهن جو وٺي چڪا هجون ها. عمران ??ان ملڪ جو بدترين مخالف شخص آهي، ان ??ون سموريون ڳالهيون ۽ عمل سامهون اچي چڪا آهن. هن چيو ته اسان ??ئينيطريقي ۽ عوام جي طاقت سان ??قتدار ۾ آيا آهيون، اسان ??ن فتني کي پاڪستان کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته جيڪو شخص چوري ڪندو، ملڪ جو پئسو ڦريندو ۽ پنهن??ي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندو اهو قانون جي ڪٽهڙي ۾ ضرور ايندو. وزيراعظم شهباز شريف تي عمران نيازي الزام هنيا، اڄ به هي پنهنجي جلسي ۾ بيهي ان ??ي خلاف ڳالهيون ڪندو رهيو، شهباز شريف ٽي ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير رهيو، پنجاب کي ترقي ڏني، اڄ شهباز شريف وزيراعظم آهي پر ان ??يباوجود هو قانون ??ي اڳيان پيش ٿي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف عمران نيازي ڪوڙو ۽ سازشي شخص آهي، ڪنهن عدالت ۽ قانون ??ي اڳيان پيش نه ٿو ٿئي. هن چيو ته شهباز شريف کي نيشنل ڪرائم ايجنسي برطانيا جي عدالت سرخرو ڪيو، هتي به جيتريون بيلز ٿيون آهن انهن ۾ هو سرخرو ٿيو. هن هڪ هڪ شيءَ جو حساب ڏنو، ان ??ي خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي. هڪ سوال تي هن چيو ته اهو نه سمجهيو وڃي ته عمران ??ان ??ي خلاف ڪيس سياسي آهن، اهي چوري، ڪرپشن، ڌاڙن جا ڪيس آهن، جيڪڏهن سياسي ڪيس ٺاهڻا هجن ها ته هي 14 اپريل تي گرفتار ٿي چڪو هجي ها. هن چيو ته عوام کي سمجهڻ گهرجي ته عمران ??ان ??نهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چالبازن سان ڪير ڳالهيون ڪندو جيڪي پاڻ اعتراف ڪري رهيا آهن ته اڃا چالون هلڻيون آهن، غلط ۽ صحيح جي فڪر نه ڪريو، آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو. هڪ سوال تي هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله واضح ڪيو آهي ته حڪومت، پي ڊي ايم، سمورن اتحادين جو فيصلو آهي ته اسلام آباد جي ماڻهن ??ي امن، سيڪيورٽي، تحفظ ۽ رياست جي حفاظت جي ذميواري حڪومت جي آهي، عوام کي مايوس نه ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عمران نيازي کيسا ڀريو تحريڪ جو علمبردار هو، هاڻي هو جيل ڀريو تحريڪ جا ڪوڙا ۽ جعلي نعرا هڻي رهيو آهي. هي شخص چار سال کيسا ڀريو تحريڪ جو ڪم ڪندو رهيو، اقتدار جون چالون هلندو رهيو، هي ٻڌائي ته اهي 5 ايم اين ايز ڪهڙا هئا جن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
عمران نيازي جي ٽئين آڊيو ليڪ سندس منهن تي هڪ زوردار ٿڦڙ آهي، عمران نيازي قومي مفاد ۽ ملڪي سلامتي سان سنگين راند کيڏي ۽ شيطاني چالون هليون: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو