گلگت – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪردو گرلز هاءِ اسڪول قائد آباد ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن جي لاءِ ٽرانسپورٽيشن ??ظيفي جي فراهمي جي لاءِ شروع ڪيل منصوبي جو باقاعده افتتاح ڪيو. ٻارن ۽ ٻ??رڙين ۾ رقم جا چيڪس ورهايا. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطا?? ڪندي چيو ته گلگت بلتستان حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي درپيش سفري مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انقلابي منصوبو شروع ڪيو آهي. عملي زندگي ۾ ڪاميابي جي لاءِ صحيح فيصلاسازي لازمي آهي جيڪا تعليم کانسواءِ ممڪن نه آهي، دنيا جي جديد تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ٻارن جي تعليم پوري خاندان جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۾ تعليم تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ وسيلا فراهم نه ڪرڻ جا تمام گهڻا نقصان ٿيا آهن، مون کي اميد آهي ته گلگت بلتستان حڪومت ڪجهه سالن ۾ هر ٻار جي تعليم کي يقيني بڻائيندي. اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم سان گڏ تربيت تي به ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن پوري دنيا ۾ گلگتبلتستان ۽ پاڪستان جو منفرد مقام برقرار رهي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوبائي حڪومت جي فيصلي موجب گرلز هاءِ اسڪول قائد آباد کي هايئر سيڪنڊري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. گلگت بلتستان جي وڏي وزير خال?? خورشيد ان موقعي خطا?? ڪندي چيو ته حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن ۽ ٻ??رڙين ۾ درپيش سفري مشڪلاتن جي حل لاءِ ٽرانسپورٽيشن ??ظيفي جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن تحت 2 ڪلو ميٽر پري کان اسڪول ايندڙ ٻارن ۽ ٻ??رڙين کي اهو وظيفو ڏنو ويندو.
صدر پاران اسڪردو گرلز هاءِ اسڪول قائد آباد ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن لاءِ ٽرانسپورٽيشن وظيفي لاءِ شروع ڪيل منصوبي جو باقاعده افتتاح
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون