اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دولت مشترڪ?? جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ??ها ڳالهه هن ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جي سيڪريٽري جنرل اسٽيفن ٽوئگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن اي??ان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي وقتي چيئرپرسن ايان لڊل گرينجر، اي?? اي?? اي شاندانه گلزار خان، قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري طاهر حسين، ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن جي ميمبر اي??لي ڊيوس ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فروغ ۾ پارلي??مي??ٽ جي ڪردار تي روشني وڌي. هن وفد کي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پارلي??مي??ٽ پاران ڪيل قانونسازي جي قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي مالي ۽ سماجي شموليت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته گڏيل قومن ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرامد نه ڪري سگهي، هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيو، ان موقعي تي اسٽيفن ٽوئگ صدر کي پاڪستاني تعليمي ماهرن، شاگردن ۽ پارلي??مي??ٽ ميمبرن سان پنهنجي ڳالهه ٻوله?? جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن عورتن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن کي به ساراهيو.
دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا