اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جي بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته مخالف ڌر پاران پي?? ڪيل ترميمون رد ڪيون ويون، مخالف ڌر ان تي واڪ آئوٽ ڪيو، ان بل جي منظوري کانپوءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال ۽ ٻ??هر??ين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي سگهندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڊاڪٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021 آئين ??ي آرٽيڪل 70 جي شق (3) تحت فوري طور تي غور هيٺ آڻن جي رٿ پي?? ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي بعد ۾ ايوان مان بل جي شقوار منظوري ورتي وئي. شق 2 تي مخالف ڌر ميمبر محسن داوڙ پاران ترميم پي?? ڪئي وئي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ ا?? جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته هي بل ڪافي عرصي کان هلندو پيو اچي هي بل 90 ڏينهن سينيٽ ۾ غور هيٺ رهيو، هي ان ۾ دير چاهين ٿا. اها ترميم غيرضروري آهي. ان تي ايوان کان ورتي وئي ۽ اڪٿريت راءِ سان ترميم رد ڪئي وئي. بعد ۾ مخالف ڌر پاران چئلينج ڪرڻ تي ان تي ووٽنگ ڪرائي وئي. رٿ جي حق ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 203 ووٽ پي??، اهڙي طرح رٿ منظور ڪئي وئي. ان دوران مخالف ڌر ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو ۽ ايوان ۾ گوڙ ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو. اسپيڪر سارجنٽ ايٽ آرمز کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان ۾ طلب ڪري ورتو جنهن اسپيڪر ڊائس کي پنهنجي حصار ۾ وٺي ڇڏيو. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ٻي ترميم پي?? ڪئي، ان تي تاج حيدر پنهنجي ترميم پي?? ڪئي جنهن جي بابر اعواڻ مخالفت ڪئي. اسپيڪر بابر اعواڻ جي ترميم ايوان ۾ پي?? ڪئي ۽ ان کي اڪثريت سان منظور ڪيوويو. ايوان تاج حيدر جي ترميم اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي. شق (3) ۾ ٽي ترميمون هيون. بابر اعواڻ ا?? تي پنهنجي ترميم پي?? ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي. سينيٽر مشتاق احمد خان ترميم پي?? ڪئي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ا?? جي مخالفت ڪئي. ايوان مشتاق احمد خان جي ترميم رد ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل چونڊ ترميم ٻه بل 2021ع منظوري جي لاءِ پي?? ڪيو جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل موجب ٻ??هر??ين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن نادرا ۽ ٻين ??يجنسيز جي فني معاونت حاصل ڪري سگهندو. ان بل موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي خريداري پڻ ڪري سگهبي.
پارليامينٽ پاران چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021ع اڪثريت راءِ سان منظور
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری