اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ تي عمل ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو ضامن آهي، اڄ پاڪستان کي ??ديني جي رياست وانگر بڻائڻ جو مقصد پنهنجي رهبر ۽ پيغمبر جي صفتن ۽ زندگي مبارڪ تي عملدرآمد جي ڪوشش آهي.
هن 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول صه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان مديني جي رياست جي تصور مان پوري ??رح رهنمائي حاصل ڪري ملڪ کي ??ڪ فلاحي رياست بڻايون، هاڻي ??نز?? ايتري پري نه آهي، تمام جلد ان جا مثبت اثر مرتب ٿيندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي ??اڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ مان رهنمائي حاصل ڪري معاشري ۾ امن ۽ ڀائيچاري ??ي فروغ ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
چوڌري فواد حسين چيو ته خاتم النبين صه جي حيات طيبه نه رڳو مسلمانن پر سموري ??نسانيت جي سيرت ۽ ڪردار جي تعمير ۽ اخلاق ۽ اعمال جي درستگي جو عمده مثال آهي، هن چيو ته نبي ڪريم صه جي تعليمات تي عمل ڪري ??سان کي ??ومي، مذهبي ۽ اجتماعي مفادن کي سامهون رکندي پنهنجي سوچ ۽ روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حاضر دور جي گهرج آهي ته اسان عشق محمد ﷺ کي ??نهنجي ڪردار، گفتار ۽ ع??لي نموني سان دنيا تي ثابت ڪريون، هن دعا ڪئي ته ربيع الاول مهينو اسان جي لاءِ رحمت ۽ بخشش جو سبب بڻجي ۽ الله تعاليٰ اسان کي ??حسن انسانيت نبي ڪريم صه جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ کي حقيقي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.