لاهور-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان واضح طور تي چيو آ??ي ته پينڊورا پيپرز جي حوالي سان جاچ ڪئي ويندي ۽ـ جيڪو به ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ان خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. مريم نواز فوج سميت ٻين ادارن خلاف سنگين بيان ڏئي رهي ??هي، سندس بيان ادارن خلاف غير ذميواراڻه آهن، شهباز شريف مفاهمت جي ڳالهه ڪري ٿو ته مريم نواز ان تي ٻوهارو ڦيري ڇڏي ٿي، (ن) ليگ اڄ جتي بيٺل آهي ??ن جي ذميوار به مريم نواز آهي، سڀاڻي سندن سياست ختم ٿي ته ان جي ذميوار به مريم نواز هوندي. ٻن سالن بعد جڏهن اليڪشن ٿيندي ته پ پ ۽ (ن) ليگ ۾ نئون اتحاد ٿيندي ڏسي رهيو آ??يان، وزيراعظم عمران خان جو ساٿي آهيان ساڻس گڏ رهندس. افغانستان ۾ امن ٿيڻ ضروري آهي، افغانستان جو استحڪام پاڪستان جو استحڪام آهي، پاڪستان ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچڻ بنا افغانستان جي امداد جاري رکندو. نادرا ميگا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته پنجاب جي وڏي وزير سان به ملاقات ٿي آهي ??نهن ۾ وقار النساءِ يونيورسٽي ۽ ناله لئي جي افتتاح جي باري ۾ پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ آيل زلزلي جي حوالي سان آءِ جي ايف سي رابطي ۾ آهيان، جڏهن ته اسان جي فورسز جا جوان اتي ڪم ۾ مصروف آهن. شيخ رشيد احمد چيو ته اين سي او سي زبردست ڪم ڪيو جنهن جي سڄي دنيا اعتراف ڪري رهي ??هي پر ملڪ دشمن عنصر ويڪسي نيشن جي عمل کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري دشمنن جي هٿ کي مضبوط ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪورونا تي بنا پابندين جي بهتر انداز سان ڪنٽرول ڪيو آ??ي. گهرو وزير چيو ته مريم نواز فوج خلاف سنگين بيان ڏئي رهي ??هي، جڏهن ته پاڪ فوج جي هزارين نوجوان پنهنجون حياتيون قربان ڪري ملڪ جو دفاع ڪيو آ??ي. هن چيو ته نواز شريف جو وقت گذري چڪو آ??ي، شهباز شريف مفاهمت جي ڳالهه ڪري ٿو پر مريم نواز ان تي ٻوهارو ڦيري ڇڏي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته فوج ۾ مقرريون ۽ بدليون معمول جو حصو آ??ن، انهن کي نشانو بڻائڻ غير ذميداريءَ جي انتها آهي. هن چيو ته فوج هميشه تحمل جو مظاهرو ڪيو آ??ي، زلزلي آفتن ۽ ٻوڏ هر هنڌ فوج مدد لاءِ پهچندي آهي، جڏهن ته برطانيه ۽ آمريڪا ۾ امدادي ڪمن لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويندو آ??ي. هن چيو ته (ن) ڪنهن هڪ فرد تي نه پر اداري تي تنقيد ڪري رهي ??هي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته هاڻي ثابت ٿي ويو آ??ي ته ڀارت سڌي ريت ملوث هو جيتري سيڪيورٽي اسان نيوزيلينڊ کي ڏني اوتري ته ان جي فوج به ناهي. شيخ رشيد احمد چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ ۽ (ن) ليگ جي صورت ۾ نئون اتحاد ٿيندي ڏسي رهيو آ??يان جڏهن ته عمران خان جو ساٿي هئس ۽ ان سان ئي گڏ رهندس.
پينڊورا پيپرز جي تحقيقات ڪئي ويندي جيڪو به ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ان خلاف سخت قدم کنيا ويندا، مريم نواز جا ادارن خلاف بيان غير ذميواراڻه آهن: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد