اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان مستحڪم اف??ان??تان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ اف??ان??تان کي اڪ??لو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ور??ائي رهي آهي، اميد آهي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪيءَ ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتو?? پڻ حمايت ڪنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان افغانين سان گڏ ڪم ڪيو آهي، جڏهن اف??ان??تان مان روس نڪتو ته تمام گهڻا مسئلا پـٺتي رهجي ويا، هاڻي آمريڪا ۽ نيٽو فوج اف??ان??تان مان تيزي سان انخلا ڪيو آهي، هاڻي پاڪستان ان معاملي تي گهري نظر رکي آهي، پاڪستان اف??ان??تان جي حوالي سان ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سالن کان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اسان جي معيشت وڌيڪ بار نه ٿي کڻي سگهي، ماضي ۾ اف??ان??تان کي اڪ??لو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ور??ائي رهي آهي. هن چيو ته اف??ان??تان جي ڏکي صورتحال جي ڪري ٺوس ۽ مخلوط حڪومت ضروري آهي، افغان مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جون ڪوششون ضروري آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ اف??ان??تان کي شدت پسند تنظيمن جو مرڪز بڻجڻ نه گهرجي، پاڪستان مستحڪم اف??ان??تان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، اف??ان??تان ۾ بدامني نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي لاءِ نقصانڪار آهي. هن چيو ته هن وقت پناهگيرن جو ڪو بحران نه آهي، اسان جي سرحدن تي معمول موجب ڪم جاري آهي، اسان ڪابل مان پرڏيهين ۽ غيرملڪي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪڍيو آهي، پي آءِ اي جي ذريعي 4500 ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پناهگيرن جي لاءِ سرحد تي انتظام ڪيا آ??ن، افغان پناهگيرن جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ماضي وانگر صورتحال پيدا نه ٿيندي، دنيا ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. هن چيو ته اف??ان??تان بابت وزيراعظم عمران خان جي مشوري کي نظرانداز ڪيو ويو، اشرف غني اف??ان??تان ۾ عام چونڊون نه ڪرايون، ٺوس حڪومت نه جوڙي وئي، اهي ٻه قدم نه کڻن سان وڏا مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته پاڪستان ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اف??ان??تان ۾ ٺوس حڪومت جي حمايت ڪئي وڃي، روس، چين، پاڪستان ۽ اف??ان??تان تي ٻڌل ٽرائيڪا پلس اهم آهي، ان حوالي سان نار ملڪن ۽ ايران جو پڻ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ان معاملي تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آ??ن، پاڪستان ۽ ترڪي اف??ان??تان ۾ امن جا خواهشمند آ??ن، اف??ان??تان ۾ حڪومت افغانين کي جوڙڻي آهي، ان حوالي سان خطي جي ۽ عالمي طاقتن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪي ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتون به حمايت ڪنديون.
پاڪستان مستحڪم افغانستان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری