لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران ??ان ??يخوپوره ۾ پاڪستان ??ي سڀ کان وڏي رک جهوڪ سمارٽ ٻيلي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 24 هزار ڪينال تي ٻڌل اهو سمارٽ ٻيلو راوي ريور اربن ڊيولپمينٽ اٿارتي جو اهم منصوبو آهي. وز??راعظم عمران ??ان ٻيلي ۾ وڻ پوکي پراجيڪٽ جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وز??ر سردار عثمان ??وزدار، وز??راعظم جو خاص معاون شهباز گل ۽ راوي ريور اربن اٿارٽي جو سي اي او عمران ??مين به موجود هو. راوي اربن اٿارٽي پاران وز??راعظم کي سمارٽ ٻيلي بابت بريفنگ ڏني وئي، وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته سمارٽ ٻيلي ۾ هر وڻ جي نگراني لاءِ سينسرز لڳايا ويندا ۽ اهو ٽيڪنيڪل ڪم چيني ڪمپني هواوي ڪندي جنهن جي لاءِ هواوي ۽ راوي اربن اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون، راوي اربن منصوبي تحت ميون جي وڻن سان گڏوگڏ تفريحي ماڳ پڻ ٺاهيا ويندا ۽ ان منصوبي کي سياحت لاءِ پرڪشش بڻايو ويندو. ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي وز??راعظم عمران ??ان چيو ته پنجاب جي وڏي وز??ر جي ٽيم ۽ خاص طور تي راوي اربن پراجيڪٽ جي سي اي او عمران ??مين کي ان ??هم منصوبي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان ??ي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، اسان ??هو ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن سان ملڪ ۾ واضح تبديلي نظر ايندي. هن چيو ته اسان ??يندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وينداسين، سياستدان ڏسندا ته اسان هڪ نئون شهر به ٺاهي سگهون ٿا، اسان کي اهو وچن ڪرڻو پوندو ته ملڪ کي سرسبز ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، الله تعاليٰ پاڪستان کي سڀني نعمتن سان نوازيو آهي، اسان کي انهن نعمتن تي ٿورا ادا ڪرڻ گهرجن. وز??راعظم ماضي ۾ ماحوليات تي ڪم نه ٿيڻ بابت ٻڌايو ته هن ماضي ۾ پنهنجي اکين آڏو ٻيلن کي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي، هتي هر قسم جا جانور هوندا هئا، ٻيلن سان گڏوگڏ جانور به گهٽ ٿيا، لاهور ۾ ماحُليات جي تباهي به ڏٺي، مٺو پاڻي سڀئي شهري پيئندا هئا، جنهن کانپوءِ آهستي آهستي اسان ??ن نعمت کان محروم ٿي وياسين، آلودگي جي شرح ايتري وڌيڪ آهي جو ٻار ۽ بزرگ ٻئي متاثر ٿي رهيا آهن، لاهور ۾ پاڻي جي سطح هيٺ وڃي رهي آهي، راوي درياءُ ۾ سڄي شهر جو سيوريج جو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جڏهن راوي سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي ته اهو سيوريج جو پاڻي اتي به هلي ويندو جنهن سان ماحولياتي آلودگي جا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن، وز??راعظم چيو ته راوي ريور پراجيڪٽ لاهور کانسواءِ پاڪستان لاءِ به تمام اهم آهي، اهو منصوبو مشڪل به آهي جيڪڏهن مشڪل نه هجي ها ته اهو پرويز مشرف جي دور ۾ ٺهي و??ي ها، (ن) ليگ جي دور ۾ شهباز شريف اسپيڊ به ان کي نه ٺاهي سگهيو. هن چيو ته وڏا پروجيڪٽ تڏهن ڪامياب ٿيندا آهن جڏهن انسان ??ن جو ارادو ڪندا آهن، هن چيو ته هڪ سال ۾ وڏا چئلينج آيا ماڻهن منع ناما وٺي ڇڏيا جنهن سان منصوبا دير جو به شڪار ٿيا، پر هاڻي اهي سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن، هن چيو ته منصوبو شروع ڪرڻ ئي مشڪل ڪم ه??ندو آهي، جڏهن اهو شروع ٿيندو آهي ته پوءِ ان کي ڪير نٿو روڪي سگهي، وز??راعظم سمارٽ لاڪ ڊائون جو مثال ڏيندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران ??ڏهن اسان ??مارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ته ان ??ان ??اطر خواهه فائدا ٿيا ۽ اسان ??ي ان ??مارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي کي سڄي دنيا ساراهيو ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان ??و مثال ڏنو ويندو هو، اهڙي طرح هاڻي هي سمارٽ ٻيلو ٺهي رهيو آهي جنهن ۾ هواوي ڪمپني سان گڏجي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. هر وڻ جي واڌويجهه جو حساب لڳايو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي سان هر وڻ کي مانيٽر ڪيو ويندو. وڻ وڍڻ جي صورت ۾ سينسرز ذريعي معلوم ٿي ويندو ته ڪهڙي هنڌ تي وڻ وڍيو پيو وڃي، هن چيو ته 2013ع تائين پاڪستان ??ي تاريخ ۾ صرف 64 ڪروڙ وڻ هنيا ويا جڏهن اسان پنجن سالن ۾ خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب وڻ هنيا ۽ اسان ??و ٽارگيٽ آهي ته اسان ??ڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ هڻنداسين جنهن سان پاڪستان ??دلجي ويندو، موسم ۾ واضح تبديلي نظر ايندي، هن چيو ته اسان ??ا ٽي وڏا مسئلا آهن پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو اچڻ وارو آهي، سيوريج جو پاڻي دريائن ۾ وڌو پيو وڃي، ماحوليات جا مسئلا وڌي رهيا آهن، وز??راعظم عمران ??ان چيو ته راوي ريور پروجيڪٽ جي ذريعي انهن سمورن مسئلن تي ضابطو آندو ويندو، ان منصوبي ۾ پاڻي کي روڪڻ لاءِ ٽي بيراج ٺاهيا ويندا، صاف پاڻي لاءِ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳايا ويندا، پهريون ڀيرو جامع پلان ٺاهي رهيا آهيون ان منصوبي سان ڪنسٽرڪشن انڊسٽري پروان چڙهندي، 10 لک ماڻهن کي روزگار ملندو، 40 ارب ڊالر ملڪي معيشت ۾ ايندا جنهن تحت اهو منصوبو پاڪستان لاءِ وڌيڪ سالياني بجيٽ پيدا ڪندو، هن پنجاب جي وڏي وز??ر سردار عثمان ??وزدار کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان منصوبي سان کيس مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن لاءِ کيس پنهنجي ٽيم کي تيار ڪرڻ گهرجي ۽ اسان پرعزم آهيون ته ڪا به رڪاوٽ ان پراجيڪٽ کي نٿي روڪي سگهي.
رک جهوڪ سمارٽ ٻيلو منصوبو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ