اسلام آب??د-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان??تا?? مان پرڏيهي فوج جي واپسيءَ بعد عالمي برادريءَ جي مسلسل رابطن جي ضرورت آهي. يورپي يونين ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي منظم ۽ سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. پرڏيهي وزير انطاليه ڊپلوميسي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ ۾ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بورئيل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪ??تا?? ۽ يورپي يونين جي ٻه طرفن ناتن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. ملاقات ۾ افغان امن عمل ۽ غير قانوني طور ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ معاملن تي به غور ويچار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? ۽ يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد سان ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيا. شاهه محمود قريشي چيو ته جي ايس پي پلس ٻه طرفي طور فائديمند ثابت ٿيو، ٻنهي طرفن جي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ ان اهم ڪردار ادا ڪيو. جي ايس پي پلس جي تسلسل سهڪار سان پاڪ??تا?? ۽ يورپي يونين جي ملڪن ۾ معيشت ۽ واپار وڌيڪ وڌڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزير پاڪ??تا?? طرفان جي ايس پي پلس بابت 27 نڪاتي انٽرنيشنل ڪنويشنز تي عملدرآمد جو يقين ڏياريو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا??، ايف اي ٽي ايف طرفان اُٿاريل 27 نُڪتن مان 26 نُڪتن تي عملدرآمد ڪري چڪو آهي، اميد آ??ي ته ايف اي ٽي ايف جي ايندڙ اجلاس ۾ پاڪ??تا?? جي سنجيده ڪوششن کي نظر ۾ رکندي گري لسٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ٻنهي اڳواڻن ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي معاملن تي به ڳالهايو.
افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسي بعد عالمي برادريءَ جي لڳاتار رابطن جي ضرورت آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina