پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چي?? آهي ته ح??وم?? خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشري ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پيشيوراڻي تربيت ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. خصوصي ماڻهن جي حق اي??ٽ 2020ع سان کين قومي ت??قي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو گو??نر هائوس پشاور ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گو??نر، صحت واري عالمي اداري جي نمائندن ۽ خصوصي ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر کي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ت??قي ۽ پاڪستان ۾ معذوري جي اڀرندڙ صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو گهٽ لاڳت وارو موثر پيڪيج تيار ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. صدر چي?? ته معذور ماڻهن جي بحالي ۽ موذي مرضن کان بچاءُ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت آهي، هن چي?? ته خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي عالمي، علائقائي ۽ رياستي سطح تي مقبول ٿي رهي آهي، ح??وم?? خصوصي ماڻهن کي ٽيڪينڪل، ووڪيشنل ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، صدر عارف علوي چي?? ته وزيراعظم عمران خان خصوصي ماڻهن لاءِ 2000 روپيا ماهوار وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، خصوصي ماڻهن جي حق اي??ٽ 2020ع سان خصوصي ماڻهن کي قومي ت??قي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشري ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا