پشاور – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صوبن طرفان اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٽي سيڪڙو قبائلي ضلعن لاءِ مختص ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر هاڻي بدقسمتي سان ان واعدي تان ڦري ويا آهن جيڪا ق??ائلي ضلعن سان زيادتي آهي. ضلعي مهمند ۾ ناحقئي سرنگ ۽ شيخ زيد روڊ جي افتتاح جي موقعي تي ضلعي جي چڱ?? مڙسن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جو نظريو مديني جي ر??اس?? آهي، جيتوڻيڪ يتمن، غريبن، بيواهن ۽ ڪمزورن جي بهتري مديني جي ر??اس?? جي طرز جي ر??اس?? جي اولين ذميداري هوندي آهي تنهن ڪري ان ذميداري جي تڪميل لاءِ ??مورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته اسان جي سمورين پاليسين جو محور ڪمزور طبقن جي بحالي آهي تنهن هوندي به ان سان گڏوگڏ اسان جي نظريي جو هڪ نڪتو اهو به آهي ته خوشحالي جي سفر ۾ سمورن علائقن کي هڪجهڙي ترقي ڏيڻ گهرجي.
صوبن اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٽي سيڪڙو قبائلي ضلعن لاءِ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی