اسلام ??باد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، ??وم?? تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته ??وم?? اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ اجلاس 12 کان 14 آگسٽ جي وچ ۾ گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ جي عمل جي لاءِ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) فيل ٿيڻ تي حڪومت کي انڪوائري جي درخواست ڪئي آهي. هو سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳ??لهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته آئيني گهرج آهي ته 15 آگسٽ تائين ??وم?? اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي، رڳو اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو انتظار آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران 11 آگسٽ تي نوٽيفڪيشن ڪيو وڃي ٿو ته ??وم?? اسيمبلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي به گهرائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ??وم?? اسيمبلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي گهرايو وڃي ٿو ته ان ۾ نوان چونڊيل ميمبر اسيمبلي جو حلف، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻي آهي ان عمل جي مڪمل ٿيڻ ۾ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا.
قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena