اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خ??قا?? عباسي ڪوئيٽا ۾ هيلٿ ميموريل ميٿوڊسٽ چرچ تي دهشتگردي جي حملي جي سخت مذمت کي ورجائيندي متاثرين جي لاءِ امدادي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس پا??ان جاري بيان موجب 17 ڊسمبر تي ڪوئيٽا ۾ هيٿل ميموريل ميٿوڊسٽ چرچ تي حملي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. وزيراعظم پا??ان متاثرين جي لاءِ اعلان ڪيل امدادي پئڪيج موجب دهشتگردي جي ان واقعي ۾ مارجي ويندڙن جي وارثن جي لاءِ 10 لک رپيا، سخت زخمين جي لاءِ 5 لک رپيا ۽ زخمي ماڻهن جي لاءِ 3 لک رپين جي زرتلافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهو امدادي پئڪيج صوبائي حڪومت پا??ان متاثرين کي ڏني ويندڙ امداد کانسواءِ هوندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:27
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino