نيويارڪ _15 آڪٽوبر (اي پ?? پي )آمريڪي نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار ڪمل?? هيرس اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ ضرورت مندن لاءِ انساني امداد تائين رسائي کي آسان بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمل?? هيرس ايڪس تي جاري پ??سٽ ۾ لکيو آهي ته گڏيل قومن اطلاع ڏنو آهي ته اٽڪل ٻن هفتن کان غزه جي اتر پاسي جي علائقن ۾ خ??را?? جي بلڪل ??را??مي ناهي ٿي. ان ڪري اسرائيل کي فوري طورتي ضرورت مندن لاءِ امداد جي ??را??مي کي آسان بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. خطي ۾ شهرين جي تحفظ، خ??را??، پاڻي ۽ طبي خدمتن تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت طرف اشارو ڪندي ڪمل?? هيرس عالمي انساني حقن جو احترام ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو آهي . گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام طرفان 12 آڪٽوبر تي شايع ٿيل بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته غزه جي اتر طرف ويندڙ ??مو??يون گذرگاهون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ پهرين آڪٽوبر بعد علائقي ۾ ڪا خ??را?? داخل ناهي ٿي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزه جي اتر پاسي خ??را?? جي ورڇ وارن هنڌن، تندورون ۽ بيڪرين کي فضائي حملن ۽ واپسي جي حڪمن جهڙن عملن سبب بند ڪرڻو پيو آهي.
اسرائيل غزه کي انساني امداد جي فراهمي آسان بڻائڻ لاءِ قدم کڻي: ڪملا هيرس
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا