تل ابيب -24 جون (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظ?? بنجمن نيتن ياهو چيو آهي، ته غزه کي ڪنهن به صورت فلسطيني اٿارٽي جي حوالي نه ڪيو ويندو، اتي جنگ جاري رهندي ۽ لبناني سرحد تي پڻ جلد اسرائيلي فوج ٻيهر مقرر ڪئي ويندي. بي بي سي مطابق اسرائيلي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ هن چيو ته غزه جي ڏکڻ واري علائقي رفح ۾ جنگ جو شديد مرحلو ختم ٿي چڪو اه??، پر ان جو مطلب اه?? ناهي ته جنگ ختم ٿيڻ واري آهي. اها جنگ جاري رهندي. هن چيو ته اسرائيل لبنان جي سرحد تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسرائيلي فوج جلد ئي ان سرحد تي پنه??جي جٿن کي ٻيهر مقرر ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. اسرائيل جي وزيراعظم ان خيال کي به رد ڪيو ته غزه جو انتظام اولهندي ڪناري ۾ قائم فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪيو وڃي. هن چيو ت?? هو غزه ۾ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ يا ان کي فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه ٿيندا. هن ان ??مي?? جو اظهار ڪيو ت?? هو خطي جي اڪثر ملڪن سان گڏجي غزه ۾ هڪ سول انتظاميه قائم ڪري وٺندا.
غزه کي فلسطيني اٿارٽي جي حوالي نه ڪيو ويندو، جنگ جاري رهندي: اسرائيلي وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت