جده-10جنوري (اي پي پي)سعودي عرب جي ڪابينه غزه جي رهواسين جي جبري بي دخلي ، غزه پٽي تي ٻيهر قبضي ۽ وسندين جي تعمير بابت اسرائيلي ارادي کي رد ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب اجلاس رياض ۾ شاه سلمان بن عب??العزيز جي صدارت ۾ ٿيو، سڌ سماءَ جي وزير سلمان الدوسري اجلاس کان پوءِ ٻڌايو ته ڪابينه ۾ علائقائي ۽ عالمي حالتن ۽ خاص ڪري فلسطيني علائقن جي تازي ??ورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، اجلاس ۾ غزه پٽي تي ناجائز قبضو بحال ڪرڻ، يهودي وسندين جي تعمير ۽ غزه ۽ ان جي شهرين جي بي دخلي بابت اسرائيلي عملدارن جي بيانن کي رد ڪيو آهي، اهو واضع ڪيو ويو ته انساني قانون ۽ عالمي قانوني ضابطن جي خلاف ورزي ??ي احتساب جو نظام اثرائتو ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي گڏجي ڪو??شو?? ڪرڻيون پونديون.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ