غزه -07 نومبر (اي پي پي) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسا??ه بن ح??د چيو آهي، ته غزه جي پٽي تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول نه ڪنداسين. هن پريس ڪانفرنس ۾ حماس کان سواءِ غزه ۽ غزه جي مستقبل جو تع??ن ڪرڻ واري آمريڪي تجويز کي رد ڪندي چيو ته جيڪي اهو ??وچ?? رهيا آهن ته حماس ختم يا غائب ٿي ويندي انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪا به زميني طاقت حماس کي نه ختم ڪري ٿي سگهي ۽ نه ئي ان جي اثرن کي گهٽائي سگهي ٿي، حماس ئي غزه ۾ رهندي. هن چيو ته حماس فلسطيني عوام جي دلين ۾ ۽ انهن جي شعور ۾ رهندي، ڪا به زميني طاقت حماس کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسرائيل جي اتحادي آمريڪا حماس کي ميدان تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، هي تصور بلڪل ئي اهڙو آهي جهڙو ٻي جنگ عظيم دوران نازين جي ڪٺ پتلي رياست فرانس ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو آمريڪا کي پنهنجي مٿان مسلط ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙي انتظاميه جيڪا آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ سٺي هجي اسان جا ماڻهو اهڙي حڪومت غزه ۾ ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
غزه تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول ناهي: حماس
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن