گڏيل قومون – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري ۽ ايمرجنسي ريلف جي ڪوآرڊينٽر مارٽن گريٿس ان اميد جو اظهار ظاهر ڪيو آهي ته گڏيل قومن پاران افغانستان کي زميني رستي ذريعي جلد امداد جي فراهمي شروع ٿي ويندي . هن وڊيو ڪانفرنس ذريعي ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان افغانستان کي زميني رستي ذريعي ٻين ملڪن کان امدادي سامان جي فراهمي جي شروعات ڪنداسي پر امدادي سامان جي فراهمي جو س??سلو جاري رکڻ لا??ِ افغان حڪومت کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻي پوندي ڇو ته اسان کي ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي جي ضرورت آهي ۽ ان لا??ِ گڏيل قومن جا عهديدار طالبان کان زباني وعدن بدران لکت معاهدي تي غور ڪري رهيا آهن .هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا جي امدادي تنظيمن کي آزاداڻي اندازي ، فراهمي ۽مانيٽرنگ ڪر?? ، ??ومي ۽ عالمي انساني امداد جي ورڪرز ۽ سندن خاندانن جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي جي ضرورت آهي .
اميد آهي ته افغانستان کي زميني رستي کان امداد جي فراهمي جلد شروع ٿي ويندي . گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ