اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي و??ري وفاقي و??ير انجنيئر خرم دستگير خان سيڪريٽري پاور ڊويزن راشد محمود لنگڙيال جي هدايت تي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني لميٽيڊ (اين ٽي ڊي سي)، سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (سيپڪو) ?? ضلعي انتظاميه دادو ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 500 ڪي وي ??رڊ اسٽيسن اين ٽي ڊي سي دادو ۾ خيمه بستي قائم ڪري ڇڏي آهي. وفاقي و??ير خيمه بستي جو دؤرو ڪيو. ترجمان اين ٽي ڊي سي مطابق مقامي ايم اين ??يز?? ايم پي اي ۽ مئنجينگ ڊائريڪٽر اين ٽي ڊي سي انجنيئر ڊاڪٽر رانا عبدالجبار خان پڻ ان سان گڏ هئا. هن ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ فلڊ امدادي سرگمين جو جائزو ورتو. اين ٽي ڊي سي، سيپڪو ?? ضلعي انتظاميه جي ٽيم وفاقي و??ير کي بريف ڪيو ۽ فلڊ رليف ڪيمپ ۾ 100 ٽينٽ لڳايا پيا وڃن جيڪو 500 ڪي وي ??رڊ اسٽيشن دادو جي رهائشي ڪالوني جي احاطي ۾ قائم آهي. رليف ڪيمپ ۾ رهندڙ ماڻهن کي کاڌو، دوائون، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون ضرورت واريون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي و??ير چيو ته حڪومت بي گهر متاثرن جي مسئلن کان پوري طرح واقف آهي ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ٻارن جي تعليم جو جلد انتظام ڪيو ويندو. سول انتظاميه جي سفارشن مطابق خيمه بستي کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. وفاقي و??ير انجنيئر خرم دستگير خان 500 ڪي وي ??رڊ اسٽيشن دادو کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بندن ۽ ٻين حفاظتي قدمن جو جائزو ورتو. هن ان سلسلي ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي پاڪ فوج، سول انتظاميه ۽ اين ٽي ڊي سي جي ڪوششن کي ساراهيو.
توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان جو دادو ۾ ٻوڏ متاثرن جي خيمه بستي جو دؤرو
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری