اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين ??ي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جا??ي رکندو. هو ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس کان ڊي چوڪ تائين نڪتل ريلي کي خطاب ڪري رهيا هئا. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي ڪشمير جو پاڪستان سان رشتو ۽ ا?? جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ آهي. اسان هڪ قوم جي حيثيت سان ان عزم جو ورجاءُ ۽ تجديد ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪشمير سان اسان جو عزم لازوال آهي، ان ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه ايندي، ڪشمير ڪڏهن ان ۾ گهٽتائي نه ڏسندو. هن چيو ته پاڪستا?? جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اڄ مظاهرا ٿي رهيا ??هن پر اهو ڪافي نه آهي، ڪشمير جو مسئلو 75 سالن کان هڪ زخم آهي ۽ ان زخم تي مرهم رکڻ پاڪستاني عوام جو عزم آهي، رڳو مخصوص ڏينهن ۾ احتجاج تائين محدود ناهي رهڻو، پاڪستا?? جي عوام ان ۾ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ڪشمير ڪاز جي لاءِ اسا?? جي فوج جنگيون وڙهيون، هو ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي پهرا ڏئي رهيا ??هن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستانين کي ڪشميرين سان وابستگي کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته هي ريلي ڪڌا ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ جيڪي 70 سالا تي ٻڌل آهي پر ڪشميرين جو جذبو هر حربي جي باوجود گهٽ ناهي ٿيو، جيڪي قومون اهو جذبو رکنديون آهن انهن کي دٻائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته ڪشميرين جو حوصلو ٽوڙڻ ۾ ناڪامي تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير ??ي آئيني ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪري ا?? جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستان ۾ هر حڪومت ان عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن وقت هن ڪيس کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ عالمي فورمن تي اٿارڻ ۽ پنهنجي نوجوان نسل کي ان تڪ??ار بابت آگاهي جي ضرورت آهي. اسان کي عالمي دنيا کي وڌيڪ جهنجوڙڻ ۽ بار بار اهو ڪيس پيش ڪرڻو آهي. حڪومت، ميڊيا، پرڏيهي وزارت کي ان ڪيس کي جا??حاڻي انداز ۾ اٿارڻو آهي، ڀارت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ??ريعي ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڪشميرين ??ي آزادي جي جدوجهد تائين پاڪستا?? جي حمايت جا??ي رهندي. ان جذبي کي جا??ي ۽ ساري رکڻو آهي. پنهنجي نوجوان نسل کي ان مسئلي ۽ ا?? جي پاڪستا?? جي لاءِ اهميت کان آگاهه ڪرڻو آهي. اها پڄاڻي پاڪستا?? جي جدوجهد آهي. ان موقعي تي حريت قيادت، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ موجود هو.
پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: خواجه محمد آصف/ قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر