اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪندي سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪٽيل 5 لک رپين جي پينشن جي رقم رٽائرڊ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان پوسٽ آفيس کي سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪاٽيل 5 لک رپين کان وڌيڪ جي پينشن جي رقم مارچ 2020ع تي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه?? ۽ ان کي اداري پاران بي ضابطي قرار ڏنو ??هي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن ۾ وفاقي محتسب پاڪستان پوسٽ کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ڪاٽيل پينشن بقايا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. صدر پ??هنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آه?? ته پينشنر جي محنت سان ڪمايل آمدني آئين جي آرٽيڪل 9 تحت ان جو بنيادي حق آه??، قانون کان مٿانهون پينشنر کي رقم جي هڪ حص?? کان به محروم نه ٿو رکي سگهجي، پينشن ايڪٽ 1871ع تحت پينشن کي ضبط يا قرق نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان پوسٽ شڪايت ڪندڙ جي پينشن رهتن مان 5 لک 2 هزار 272 رپين جي رقم بنا جواز وصول ڪئي. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان پوسٽ آفيس جي سروس رهتن مان غيرمنصفاڻي طور تي 5 لک 2 هزار 272 رپين جي ڪٽوتي ڪئي ??هي. وفاقي محتسب اپريل 2021ع ۾ ڏنل فيصلي ۾ پاڪستان پوسٽ کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. پاڪستان پوسٽ فيصلي تي عملدرآمد بدران صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي. صدر پ??هنجي فيصلي ۾ وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار ??کيو، حڪم جي 30 ڏينهن منافعي جي شرح سان رقم واپس ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد، سروس رهتن مان ضابطي جي خلاف ڪٽيل پينشن جي رقم رٽائرڊ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ