اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دن??ا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي، پاڪستان جي هٿياربند فوج امن، داخلي ۽ خارجي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي ضامن آهي، عالمي امن ڪوششن ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو ڪمانڊ ??ينڊ ??سٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪمانڊ ??ينڊ ??سٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڪمانڊ ??ينڊ ??سٽاف ڪورس 2021 / 2022 ۾ ش??ڪت ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪاميابين ۽ قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون بي مثال آهن جنهن جو سڄي دن??ا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي. هٿياربند فوج قدرتي آفتن دوران قوم جي خدمت ۾ سدائين ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي هٿياربند انتهائي اهم رياستي ادا??و آهي ۽ قوم جو فخر آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته ملڪ جو دفاع مقدس آهي، پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ سالميت کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي آزادي هيروز ۽ شهيدن جي عظيم قربانين جي مرهون منت آهي.
دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania