اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بحري?? جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ٽيليفون ڪيو ۽ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪس??ان جي بحرين سان پنهنجي لاڳاپ?? جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ گهري اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ??يو. بحرين پاران عالمي وبا جي خلاف ڪامياب قدمن کي ساراهيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف بحريني قيادت پاران پرڏيهي پاڪستاني?? جي سارسنڀال لاءِ کنيل قدمن تي بحريني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد نرسنگ يونيورسٽي ۽ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي به آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه جي پاڪس??ان جي دوري جو منتظر آهي، بحرين ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستاني رهندڙ آهن ۽ پاڪس??ان ۽ بحرين جا لاڳاپا گڏيل مذهب ۽ قدر?? جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، ٻئ?? ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن، 2021ع ۾ پاڪس??ان ۽ بحرين ۾ وچ ۾ سفارتي لاڳاپ?? جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيا آهن.
وزيراعظم کي بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی