اسلام آباد – 13 جنوري (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ?? ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ فعال قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ عوامي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ ڪوريا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير نبيل منير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو وڌائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ پُرڪشش مقام آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نامزد سفير ڪورين سيڙپڪارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۽ س?? پيڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه ڪري، ڪوريا ۽ پاڪستان ?? مذهبي سياحت جي فروغ جا وسيع امڪان موجود آهن. صدر چيو ته ڪوريا جي سياحن کي پاڪستان ?? ٻڌمت جي تاريخي مذهبي ماڳن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻي پوندي، هن ڪوريا جي ايگزم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ آءِ ٽي پارڪ لاءِ 88 ملين ڊالر ڏيڻ ۽ ڪراچي ۾ سام سنگ جي موبائيل فونز مينوفيڪچرنگ يونٽ شروع ڪرڻ کي به ساراهيو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني دوستي گروپ جي مٽاسٽا جي ضرورت تي به زور ڏنو، ان کانپوءِ الجزائر ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر محمد طارق به صدر سان ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ?? الجزائر جي وچ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ الجزائر سان لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي، ??ن چيو ته نامزد سفير الجزائر سان پارلياماني ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي وفدن جي مٽاسٽا جي فروغ لاءِ ڪم ڪري. صدر ان موقعي تي پاڪستان ?? الجزائر جي وچ ۾ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل قائم ڪرڻ جي تجويز به ڏني.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڏکڻ ڪوريا ۽ الجزائر جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش