اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهون قتل، تشدد ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري آهي، ڀارتي فورسز جي پيلٽ گنز سان ڪيترائي ڪشميري نوجوان نور کان محروم ٿي چڪا آهن، ڀارت پاران انساني حقن جون خلاف ورزيون افسوسناڪ آهن، والاريل ڪشمير جا ماڻهو گ??يل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق جو مطالبو ڪري رهيا آهن، هندو توا نظريي تحت والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي آزادي جي ??دوجهد جي ??زا ڏني پئي وڃي، آبادي جي ??ناسب ۾ تبديلي جنيوا ڪن??ينشن جي کلي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي ??رابر آهي، اسلامي تعاون تنظيم ۽ عالمي برادري والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ تاريخي ناانصافين جو نوٽيس وٺي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊاڪٽر سعيد الغفلي جي قيادت ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ??زاد ۽ مستقل انساني حقن واري ڪميشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ گذريل 2 سالن دوران تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم وفد کي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ جڏهن کان ڀارت والاريل ڪشمير ۾ غير قانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا آهن والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ اضافي جي ??والي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??وام خودمختياري واري حق جو مطالبو ڪري رهي آهي جنهن جو گ??يل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ساڻس واعد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي ??وام کي عدالت کان مٿانهين قتل، ماڻهن کي حراست ۾ رکڻ، تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ ماڻهن کي زخمي ۽ اپاهج بڻائڻ جهڙا ظلم درپيش آهن، پيلٽ گنز جي ??نڌاڌنڌ استعمال جي ڪري ڪشميري نوجوانن جو وڏو تعداد نور کان محروم ٿي ويو آهي تنهن هوندي به ظلم ۽ ڏاڍ جي هر حربو استعمال ڪرڻ جي ??اوجود ڀارت ڪشميري عوام جي ??ذبي کي دٻائي نه سگهيو. وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي ??ورتحال تاريخ جي ??مام وڏي ناانصافي آهي ۽ او آءِ سي ۽ دنيا کي حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڀارتي حڪومت جي هندو توا نظريي جي ??والي سان وزيراعظم چيو ته ڀارتي قبضي ۽ ڏاڍ کان آزادي جي مطالبي تان هٿ کڻا??ڻ لاءِ ڪشميري مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??وام کي خودمختياري واري حق سان گڏوگڏ مذهبي آزادي کان به محروم رکيو ويو آهي ۽ کين والاريل علائقي ۾ آبادي جي ??ناسب ۾ تبديلي جي ڪري پنهنجي ??ڪثريت ۽ شناخت وڃائڻ جو به خدشو آهي ۽ اهو ڀارتي قدم چوٿين جنيوا ڪن??ينشن جي ??لاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي ??رابر آهي، وزيراعظم او آءِ سي جي ??زاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران منظم ۽ وڏي پئماني تي انساني حقن جي ??لاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ تي ان جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته هڪ آزاد اداري جي ??ور تي ڪميشن جا خيال موجوده زميني حقيقتن موجب آهن. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??وام ان جي ??الت کي محسوس ڪرڻ ۽ او آءِ سي ۽ عالمي برادري جو ڌيان ان طرف ڇڪرائڻ تي ڪميشن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت پاران ڪيل سمورا هڪ طرفا ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون فوري بند ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. وزيراعظم وڌندڙ اسلامو فوبيا جو به ذڪر ڪيو ۽ مسلمان امت تي زور ڏنو ته هو ان جي مقابلي لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪري، 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي ??ير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ڪميشن جي وفد جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ وفد جي ??ن ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ۾ موجودگي سان ڪشميرين جي منصفاڻي موقف جي ڀرپور حمايت جي ??ڪاسي ٿئي ٿي، ڪميشن جو وفد والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??گڙجندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي فيصلي جي ??وشني ۾ اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي، ڪميشن هڪ جامع طريقڪار جوڙيو آهي جنهن تحت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??نگين صورتحال جي ??اقاعدگي سان نگراني سان گڏوگڏ رپورٽون به جوڙيون وينديون
وزيراعظم سان ڊاڪٽر سعيد الغفلي جي قيادت ۾ او آءِ سي جي آزاد ۽ مستقل انساني حقن واري ڪميشن جي وفد
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری