اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان قديم ترين ثقافتن ۽ تاريخي جايون رکندڙ ملڪ طور اڄ سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي، اڄ 27 سيپٽمبر تي سڄي دنيا سياحت جو عالمي ڏهاڙو سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي عنوان سان ملهائي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته هي ڏي??هن گڏيل ق??من جي عالمي سياحت جي اداري جي اهتمام هيٺ گڏيل ق??من جي سمورن ميبر ملڪن ۾ ملهايو وڃي ٿو، پا??ستان عالمي ڏهاڙي کي پوري جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ سدائين عالمي برادري جو ساٿ ڏنو آهي. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته هلندڙ سال ان ڏي??هن جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته سياحت جو شعبو ڳوٺاڻن علائقن جي معاشي ترقي جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو جتي اقتصادي سرگرمين جي فروغ جي سخت ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون