اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاليسين جي پٺيان سوچ جو محور غريب ۽ پٺتي پيل طبقي جي ڀلائي آهي، ماضي جي حڪمرانن ذاتي مفاد ۽ اشرافيه جي لاءِ پاليسيون ٺاهيون ۽ غريب طبقن کي سدائين نظرانداز ڪيو، حڪومت جي سبسڊي مان ته سڀ ماڻهو فائدو کڻن ٿا ۽ اشرافيه به فائدو کڻي ٿي پر هاڻي هڪ اهڙي حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهيون ته سبسڊي مان رڳو غريب فائدو کڻي سگهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت وڏن چئلينجز تي تمام گهڻي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي هاڻي ان جو محور ماضي جي نظرانداز طبقن جي ڀلائي آهي، وزيراعظم باقاعدگي سان مهانگائي جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي عملدارن کان بريفنگ وٺي ٿو، سنڌ ۾ صوبائي حڪومت پاران ڪڻڪ جاري نه ڪر?? جي ڪري قيمتون سڀ کان وڌيڪ آهن، وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ ضر??رت جي شين خاص طور تي غريب عوام جي استعمال جي شين اٽو، چانور، کنڊ ۽ دالين سميت 17 قسم جي شين جي قيمتن کي هڪ جهڙو رک?? جي لاءِ ميڪانزم بڻائ?? جي ضر??رت تي زور ڏنو آهي، شگر ڪميشن جي رپورٽ کانپوءِ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو حڪومت تي دٻاءُ وجه?? جي لاءِ ڪيو ويو، حڪومت مافيا جي ڳٺ جوڙ جي دٻاءُ ۾ ڪنهن به ص??رت ۾ نه ايندي، ڪمند جي پيڙهائي وقت سر شروع ڪرائ?? جي لاءِ صوبائي حڪوم??ن جي تعاون سان نئون قانون آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ڪريشنگ ۾ دير ڪندڙ شگر مل کي 50 لک رپيا ڏهاڙي ڏنڊ پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي صدارت ۾ مهانگائي ۽ روزاني جي شين جي قيم??ن جي جائزه اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي مدد سان ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي باوجود وڏن چئلينجز تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي، هاڻي حڪومت جو ڌيان غريب عوام جي ڀلائي تي هوندو. هن چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ مهانگائي ۽ روزاني جي شين جي قيم??ن جي جائزه اجلاس کي 17 قسم جي روزاني جي استعمال جي مختلف ضر??رت جي شين جي قيم??ن جو صوبائي جائزو پيش ڪيو ويو. ا
وزيراعظم جي پاليسين جي پٺيان سوچ جو محور غريب ۽ پٺتي پيل طبقي جي ڀلائي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea