اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جو ولي عهد شهزاده محمد بن ??لمان وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي اڄ آچر ڏينهن پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو، اپريل 2017ع ۾ ولي عهد جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ شهزاده محمد بن ??لمان جو پاڪستان جو رياستي سطح جو هي پهريون دورو هوندو، ساڻس گڏ سعودي شاهي خاندان جي ميمبرن، اهم وزيرن ۽ ناليوارين ڪاروباري شخصيتن سميت اعليٰ اختياراتي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب شهزاده محمد بن ??لمان جيڪو وزيرن جي ڪائو??سل جو نائب صدر ۽ دفاع واري وزير سميت سلطنت جي ڪيترن ئي اهم عهدن تي فائز آهي 17 ۽ 18 فيبروري تي پنهنجي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪندو.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم