اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته عا??ور?? جو ڏهاڙو اسان کي ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قرباني جي ياد ڏياريندو آهي ۽ اسان کي ان ڳالهه جو سبق ڏي ٿو ته باطل جي طاقت حق کي ڪڏهن دٻائي نٿي سگهي?? ڪربلا جو واقعو اسان کي ڏاڍ جي خلا?? وڙهڻ ۽ آواز بلند ڪرڻ ۽ حق ۽ صداقت جي سربلندي جو سبق ڏي ٿو. عا??ور?? جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي شهادت سان اسلام کي هڪ نئين زندگي ملي، امام حسين رضه حق ۽ صداقت ۽ اسلام جي سربلندي لاءِ پنهنجا ٻار تائين قربان ڪري ڇڏيا ۽ اسان کي سبق ڏنو ته الله جي اطاعت سڀ کان مقدس آهي.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب