اسلام آباد – 23مارچ (??ي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جو راز جمهوريت ۾ ئي لڪل آهي، درپيش ??ئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته جمهوري روايتن کي فروغ ڏنو وڃي ته جيئن معاشري ۾ رواداري، هم آهنگي ۽ برداشت وڌي ويجهي، هن اها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ جمعي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، صدر چيو ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان جي قومي تاريخ ۾ هڪ سنگ مي?? جي حيثيت رکي ٿو، ان پرمسرت موقعي تي سڄي قوم کي دلي مبارڪباد پيش ??ندي هن چيو ته ان ڏينهن اسان جي بزرگن تاريخي قرارداد لاهور منظور ڪئي، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ واضح ۽ عظيم مقصد لاءِ متحد ڪري ڇڏيو، صدر ان موقعي تي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح، مصور پاڪستان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ۽ آزادي جي تحريڪ جي ٻين اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ??يو جن پنهنجي پڪي عزم ۽ بي مثال قرباني سان پاڪستان حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي.
صدر ممنون حسين جو پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا