آستانه – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار، ??يڙ??ڪاري ۽ مصنوعات ۽ خدمتن جي آزاداڻي چرپر ۾ سهولت جي لاءِ واپاري پاليسين ۾ مناسب سڌارا آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سمورن شعبن خاص طور ??ي اقتصادي ۽ توانائي تعاون، مواصلات ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي ميدان ۾ ازبڪستان سان پنهنجي ل??ڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ازبڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي ڇو ته ٻئي ملڪ گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت جي مضبوط رشتي ۾ ڳنڍيل آهن.
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea