اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڀارت کي ا??ن ۽ دوستي جو پيغام ڏيان ٿو ۽ ان کي چوان ٿو ته ڇڪتاڻ ذريعي خطي جي ترقي ۽ ا??ن ۽ استحڪام کي خطري ۾ نه وجهي. صدر ا??ا ڳالهه سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري صنعتي نمائش جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي بزنس مين فورم جي قائد سينيٽر الياس احمد بلور، سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر حاجي محمد افضل ۽ نمائش جي ڪنوينر ذوالفقار علي خان پڻ خطاب ڪيو. صدر چيو ته افغان اسان جا ڀائر آهن، انهن س??ن کليل دل سان دوستي ۽ ڀائيچارو چا??يو?? ٿا، افغانستان ۾ ا??ن ۽ استحڪام جي لاءِ انتهائي خلوص سان ڪم ڪري رهيا آ??يو?? ڇو ته اهو اسان جي مفاد ۾ به آهي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت پنهنجي سمورن پاڙيسرين س??ن کليل دل سان دوستي ۽ تعاون چاهي ٿي جنهن ۾ يقينن ڪاميابي ٿيندي.
ڀارت کي امن ۽ دوستي جو پيغام ڏيان ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ