اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اسلام آباد جي اسڪولن جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ و??يراعظم پاران 200 بسن جي تحفي تي شهر جي رهواسين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عمران ??ان کي به مبارڪباد هجي اڄ هڪ ٻيو ڦيٿو ڪٽجي ويو آهي، آئنده به عوام لاءِ فلاحي ۽ ترقيا??ي منصوبن جا ڦيٿا ڪٽجندا رهندا، خان ??احب توهان پاناما ڪيس کانپوءِ ڇا ڪندا ڇو ته توهان ??ي سياست ڪٽجي رهي آهي، عدالت ٻاهران ??دالت هڻندڙن وٽ مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ايندو، اڃا ب?? وقت آهي ته سبق سکو ۽ خي??رپختونخواهه جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪريو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ اعليٰ عدليه ۾ اسان ??ي وڪيلن دليل شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اعليٰ عدليه کي سمورا ثبوت پيش ڪيا ويندا ڇو ته جيئن ته وزيراعظم چيو هو ته جڏهن به ڪو مستنند فورم قائم ٿيندو ته اتي سمورا دستاويز پيش ڪيا ويندا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مريم اورنگزيب جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل