واشنگٽن – 22 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ طوفاني برفباري جهڙين شديد موسمي حالتن سبب فوتگين جو انگ 90 تائين پهچي ويو آهي. بي بي سي مطابق رڳو ٻن رياستن اوريگان ۽ ٽينيسي ۾ 41 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون جتي شديد برفاني طوفانن کانپوءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون. برفاني طوفانن بجلي جي فراهمي جي نظام کي شديد متا??ر ڪيو آهي ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي. موسميات کاتي مطابق ملڪ ۾ ٿڌ جي شديد لهر هلندڙ هفتي جي وچ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ مطابق اوريگان ۽ ٽينيسي ک??ن علاوه الي نوائي، پنسلوانيا، مسي سيپي، واشنگٽن، ڪينٽڪي ۽ اسڪونسن، نيويارڪ، نيوجرسي ۽ ٻين رياست?? ۾ ??ڻ فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. اوريگان جي علائقي پورٽ لينڊ ۾ تيز هوائن سبب بجلي جي لائن جي هڪ تا?? هڪ گاڏي تي وڃي ڪري جنهن ۾ سوار ٽي ڄڻا ڪرنٽ لڳڻ سبب اجل جو شڪار ٿي ويا. ان وقعي ۾ گاڏي ۾ سوا?? هڪ ٻار بچي ويو. موسميات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته شديد برفباري ک??نپوءِ هلندڙ هفتي جي آخر تي گرم هوا ۽ برسا?? مڊويسٽ ۽ اتر اوڀر آمريڪا جي ڪجهه حص?? ۾ ??وڏ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
آمريڪا ۾ طوفاني برفباري سبب فوتين جو انگ 90 تائين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha