واشنگٽن -12 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي، ته آمريڪا پاڪستان ۾ آزاداڻا چونڊن تي زور ڏنو آهي پر هو ڪنهن به سياسي پارٽي يا هڪ اميدوار جي حمايت نه ٿو ڪري. برطانوي خابرو اداري مطابق هن اها ڳالهه پرڏيهي کاتي جي معمول جي نيوز بريفنگ ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ چئي آهي. اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم کا?? پاڪستان ۾ چونڊن جي نگران اداري اليڪشن ڪميشن جي سربراهه ??ان هاڻوڪي ملاقات بابت جڏهن سوال پڇيو ويو ته هن صحافي کي ان حوالي ??ان اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني ??ان رابطو ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته اميد آهي ته سفارتخانو ان جو صحيح جواب ڏيندو، جڏهن ته ميٿيو ملر صحافي کي چيو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته اوهان ڪيڏانهن اشارو ڪري رهيا آهيو پر ان ڳالهه جو ورجاءَ ڪيان ٿو ۽ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته آمريڪا پاڪستان ۾ چونڊن جي نتيجن جي حوالي ??ان ڪو به موقف اختيار ناهي ڪندو. ميٿيو ملر چيو ته ا??ان پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا ڪنهن اميدوار جي حمايت نه ٿا ڪيون پر ا??ان يقين?? پاڪستان ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊ لاءِ ضرور زور ڀريندا آهي، جيئن ا??ان سڄي دنيا لاءِ ڪندا آهيون.
پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار جي حمايت نه ٿا ڪيون: آمريڪي ترجمان
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد